درد جون تصويرون

درد جون تصويرون

درد جون تصويرون

درد جون تصويرون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر نجم سرهيي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ غزل، وايون، ٽيڙو، چوسٽا ۽ بيت شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ هند ۽ سنڌ جي نامياري اديب موتي پرڪاش لکيو آهي. جڏهن ته مير محمد پيرزادي، تاج جويي، عبدالغفار تبسم، ناياب سرڪش، ڊاڪٽر محمد احمد ڪورائي ۽ امداد سولنگي جا رايا پڻ شامل آهن. جڏهن ته اداري پاران رزاق مستوئي لکيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا سنڌ جي ٻن ناليوارن اديبن راشد مورائي ۽ نواز رڪڻائي کي ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ موتي پرڪاش جو راشد مورائيءَ کي لکيل خط پڻ شامل آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر ادل سومري ۽ اياز گل جا رايا ڏنا ويا آهن. 212 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌي ادبي سنگت شاخ موري شايع ڪرايو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو